ابن الهيثم

ابن الهيثم: هن جو پورو نالو ابوعلي (يا محمد) ابن الحسن (يا الحسين) بن الهيثم آهي. هيءُ بصري ۾ 335هه/965ع ۾ ڄائو. وچئين دؤر جو طبعيات جو سڀ کان وڏو ماهر، ماهر بصريات، هيئت دان، رياضيءَ جو ماهر، فلسفي ۽ طبيب هو. هن کي ارسطوئي فلسفي تي عبور حاصل هو. هن ارسطو ۽ جالينوس جي شرح ڪئي. علم هيئت ۾ مهارت سبب هن کي بطليموس ثاني به چون ٿا. هن جي ڪتابن ۽ رسالن جو تعداد ٻن سون کان به وڌيڪ ٻڌايو وڃي ٿو. بصريات (Optics) ۾ هن جي اهم تصنيف ’ڪتاب المناظر‘ آهي، جنهن ۾ اک تي مڪمل معلومات موجود آهي. هن ڪتاب جو هڪ مڪمل قلمي نسخو اڄ به استنبول ۾ موجود آهي. 1572ع ۾ هن ڪتاب جو لاطيني ٻوليءَ ۾ به ترجمو ٿي چڪو آهي. وچئين دؤر جي وڏن وڏن سائنسدانن هن ڪتاب مان گهرو اثر ورتو آهي. ابن الهيثم ڪائنات جو به گهرو مطالعو ڪيو ۽ ان تي ڪتاب لکيائين. هن نيل درياهه جي پاڻيءَ کي گهٽ وڌ رکڻ لاءِ اسوان وٽ بند ٻڌڻ جو منصوبو به ڏنو، ۽ اهو منصوبو هڪ هزار سالن کان پوءِ تڪميل تي پهتو.
ان کان سواءِ هيءُ پهريون ماڻهو هو، جنهن ’پِن هول ڪئميرا‘ جا اصول ڳوليا ۽ ان جي مدد سان سج گرهڻ جي تصوير ڪڍي. ابن الهيثم قاهره يونيورسٽيءَ ۾ 22 سالن تائين تحقيق ۽ تصنيف ۾ مصروف رهيو، 78 سالن جي عمر ۾ 430هه/1039ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪتابن ۾ ’في ڪيفية الاظلال‘، ’في المرايا المحرقه بالدوائر‘، ’في المرايا المحرقه بالقطوع‘، ’في مساحة المجسم المڪاني‘، ’في مسئله عدديه‘، ’في شڪل بني موسيٰ‘، ’في اصول المساحة‘، ’شرح اصول اقليدس في الهندسه والعدد‘ وغيره قابل ذڪر آهن. ابن الهيثم اسماعيلي داعي هو ۽ لڳ ڀڳ ٽين يا چوٿين صدي هجريءَ ۾ سنڌ ۾ به آيو هو.


لفظ ابن الهيثمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0335.00.00  هجري

ابن الهيثم: هن جو پورو نالو ابوعلي ( يا محمد ) ابن الحسن ( يا الحسين ) بن الهيثم آهي . هيءُ بصري ۾ 335هه/965ع ۾ ڄائو


0965.00.00  عيسوي

ابن الهيثم: هن جو پورو نالو ابوعلي ( يا محمد ) ابن الحسن ( يا الحسين ) بن الهيثم آهي . هيءُ بصري ۾ 335هه/965ع ۾ ڄائو


0430.00.00  هجري

ابن الهيثم قاهره يونيورسٽيءَ ۾ 22 سالن تائين تحقيق ۽ تصنيف ۾ مصروف رهيو ، 78 سالن جي عمر ۾ 430هه/1039ع ۾ وفات ڪيائين .


1039.00.00  عيسوي

ابن الهيثم قاهره يونيورسٽيءَ ۾ 22 سالن تائين تحقيق ۽ تصنيف ۾ مصروف رهيو ، 78 سالن جي عمر ۾ 430هه/1039ع ۾ وفات ڪيائين .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهه محمد صوفي
داداڀائي ولي محمد
فهد مصطفيٰ
سيد ولايت شاهه
سوامي سکديو مهراج
ٽهليو ڀڳت
ٻائي ٻڍي
بابا ذهين شاهه تاجي
رانجهاڻي عبدالستار
ابن حيات پنهور
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون